اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ٻنهي مل??ن جي گڏيل فائدي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اقتصادي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ڀائر مل??ن جي اسٽاڪ ايڪسچينجز جي وچ ۾ وڌ کان وڌ رابطن تي پڻ زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين راشد مريدوف سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي ڪيو جنهن پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولويوف سان گڏ صدر سان ملاقات ڪئي. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن، مذهب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن خطي ۾ گڏيل خوشحالي ۽ استحڪام ۽ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي ??وا?? جي بهتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي ??ي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ان منصوبي سان ٻنهي مل??ن جي اقتصادي ترقي ۾ تمام گهڻي مدد ملندي. راشد مريدوف اشڪ آباد ۾ مگتي مولي فارگي جي 300هين پيدائش جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ عالمي فورم ۾ شرڪت تي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهو ترڪمان ??وا?? جي احترام جو هڪ عظيم مثال آهي. هن ترڪامنستان جي صدر سردار بردي محدوف ۽ ترڪمانستان جي ??وا?? جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين قربان بردي محدوف پاران صدر آصف علي زرداري کي خصوصي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي. صدر اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر مل??ن جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت تي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين راشد مريدوف جا ٿورا مڃيا. صدر ترڪمانستان جي حڪومت پاران اشڪ آباد جي دوري دوران سندس شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
Geelani urges nations to stop Indias reign of terror
-
A hi-jacked society
-
ISI DG, PM Nawaz hold first meeting
-
فلائٹ کنٹرول الیکٹرانکس آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ
-
Esme الیکٹرانکس انٹیگریٹی بیٹنگ ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
گوبلن فارچیون آفیشل انٹرٹینمنٹ اے پی پی کا تعارف اور خصوصیات
-
بلیک جیک ایماندار بیٹنگ ویب سائٹ: محفوظ اور شفاف کھیل کا تجربہ
-
ورچوئل رئیلٹی لاٹری: انٹرٹینمنٹ کا جدید ترین پلیٹ فارم
-
بلیک جیک ایپ گیم ڈاؤن لوڈ کریں اور کھیلیں
-
پی جی سافٹ ویئر ایپ گیمز: ایک جدید اور دلچسپ گیمنگ پلیٹ فارم
-
پی جی سافٹ ویئر ایپ گیمز ویب سائٹ: ایک جدید گیمنگ تجربہ
-
AFB Electronic ایپ ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ