اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته ترقي بابت سعودي فنڊ جي حصيداري سان گرين انرجي ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين منصوبن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سعودي فنڊ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ 107 ملي?? ڊالر جي مالياتي معاهدن سان نه رڳو صارف توانائي حاصل ٿيندي پر مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ روڪڻ ۾ پڻ مدد مل??دي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان بن عبدالرحمان المرشد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ صحت، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ تعليم جي شعبن ۾ پاڪستان کي مالي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترقي بابت سعودي فنڊ جي ڪوششن کي ساراهيو. سي اي او، ايس ايف ڊي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي سان گڏوگڏ قومي سول ايوارڊ هلال قائداعظم عطا ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هائيڊرو پاور اسٽيشنز جي تعمير جي لاءِ سعودي فنڊ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ 107 ملي?? ڊالر جي مالياتي معاهدن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو، ان سان نه رڳو صاف توانائي حاصل ٿيندي پر مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ کي روڪڻ ۾ پڻ مدد مل??دي. سي اي او سعودي فنڊ وزيراعظم سان جاري منصوبن بشمول مهمند هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، مالاڪنڊ ريجنل ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ سعودي گرانٽس جي ذريعي شروع ڪيل ٻين منصوبن بابت ٻڌايو. وزيراعظم سعودي فنڊ جي تعاون کي ساراهيندي سعودي فنڊ جي حصيداري واري گرين انرجي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ نئين منصوبن جي پروسيسنگ کي تيز ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جنهن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سي اي او ايس ايف ???? گڏيل منصوبن تي جلد اڳڀرائي جي خاطري ڪرائي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ پ?? ڪيو ته سعودي عرب شاهي خاندان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هر ممڪن مدد ۽ مسلسل تعاون فراهم ڪندو. وزيراعظم سعودي فنڊ جي سي اي او ۽ وفد جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ شاهي خاندان جي سمورن ميمبرن خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Bystander killed in a blast aimed at LEA personnel
-
Low-intensity blast targets Chinese engineers vehicle near Rohri
-
PML-N govt elects their man to amend NAB laws
-
Zardari might sit the by-polls out
-
ورچوئل ریئلٹی لاٹری تفریح: آفیشل داخلہ
-
PG سافٹ ویئر آفیشل گیمز ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ
-
الیکٹرانک تحقیقات کا آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
یورپی بلیک جیک آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی مکمل گائیڈ
-
جوکر وائلڈ آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا طریقہ اور خصوصیات
-
بی ایس پی کارڈ گیم آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ
-
لکی پگ آفیشل گیم ویب سائٹ: ایک جدید گیمنگ پلیٹ فارم
-
بی ایس پی کارڈ گیم آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ