اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ضرورت جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪاررو??ئي جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نئين چونڊيل وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم ڪابينا جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ۾ نئين چونڊيل حڪومت جو روڊ ميپ واضح ڪيو. وزيراعظم نئين چونڊيل ڪابينا ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ٻين شين جي قيمتن جي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا ??وب??ئي حڪومتن سان گڏجي کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ٻين شين جي قيمتن جي سخت نگراني ڪندي. هن چيو ته ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غيرضروري اضافي ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪاررو??ئي ڪئي وڃي، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي ??فا??ش تي ڪيلي ۽ بصر جي برآمد تي 15 اپريل 2024ع تائين پابندي هڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها پابندي رمضان المبارڪ جي مهيني دوران ڪيلي ۽ بصر ج?? مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هنئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي ??فا??ش تي نيدرلينڊ جي شهري محمد اورنگزيب جي پاڪستاني شهريت ٻيهر حاصل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا منشيات جي خاتمي واري وزارت جي ??فا??ش تي ميجر جنرل عبدالمعيد هلال امتياز ملٽري جي بطور ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس مقرر جي منظوري ڏئي ڇڏي.
متعلقہ مضامین
-
100pc primary enrolment campaign to begin on April 1: minister
-
PAF evacuates 300 stranded people from GB
-
Moon and Stars App Download Ka Mukammal Guide
-
لکی پگ آفیشل گیم ویب سائٹ: ایک جدید گیمنگ پلیٹ فارم
-
ایچ بی الیکٹرانکس کا آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور استعمال کی تفصیل
-
ساؤتھ ویسٹ لاٹری دیانت دار تفریحی ایپ کی منفرد خصوصیات
-
ڈریگن لیجنڈ انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ پلیٹ فارم کا تعارف اور خصوصیات
-
ساؤتھ ویسٹ لاٹری دیانت دار تفریحی ایپ کی منفرد خصوصیات
-
ایم جی الیکٹرانکس کی آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ: تمام ضروری وسائل ایک جگہ
-
لائیو کیسینو آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ پر حقیقی تفریح کا تجربہ
-
بلیک جیک ایپ گیم ڈاؤن لوڈ کریں اور لطف اٹھائیں
-
پی جی سافٹ ویئر ایپ گیمز ویب سائٹ: نئے کھیلوں کا بہترین پلیٹ فارم