راولپنڊي -22 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير 25 مئي تي يوم تڪريم شهداء پاڪستان ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته مضبوط فوج مملڪت جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي، شهيدن جو?? قربانيون ۽ غازين جو?? خدمتون اسان جو قيمتي اثاثو ۽ سرمايو آهن. پاڪ فوج هڪ اداري طور پاڻ س??ن ڳنڍيل هر شخص کي ۽ ان جي پونئرن کي هميشھ ياد رکي ٿي ۽ اسان جو اهو رشتو هڪ خاندان طور قابل فخر آهي، پاڪ فوج جو هر سپاهي ۽ آفيسر سڀني علائقائي، لساني ۽ سياسي ۽ تعصبن کان مٿانهون ٿي صرف ۽ صرف پنهنجي فرضن ۽ ذميوارين کي مٿانهون رکي ٿو. اهڙو اظهار هن جنرل هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ شهيدن ۽ غازين جي مانَ ۾ اعزاز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف آپريشنز دوران بهادري ۽ قوم لاءِ شاندار خدمتن تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي فوجي اعزازن سان نوازيو. 51 آفيسرن کي ستاره امتياز (ملٽري)، 22 آفيسرن ۽ جوانن کي تمغه بسالت ۽ 2 جوانن کي گڏيل قومن جي خاص ميڊل جي اعزاز سان نوازيو ويو. تقريب ۾ وڏي انگ ۾ پاڪ فوج جي سينئر افيسرن ۽ شهيدن جي پونئرن شرڪت ڪئي. آرمي چيف چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شهيدن جي فرض شناسي ۽ عظيم قربانين سبب اسان هڪ آزاد فضا م زندگي گذاري رهيا آهيون. هن چيو ته مضبوط فوج مملڪت جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي. هن تازو ئي فوجي ??ڪا??ن، يادگارن ۽ شهيدن جي حرمتن تي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته اهي ناقابل برداشت آهن.
متعلقہ مضامین
-
Education, innovative leadership – OxfordAQA defines the way forward
-
Bangladesh vs New Zealand: Rawalpindi gears up for ICC Champions Trophy 2025
-
Kohli hits ton as India push Pakistan to brink of Champions Trophy exit
-
Govt orders CCTV installation at all airports to curb human trafficking
-
2 Big Bass Christmas Carnival Entertainment App Ki Duniya
-
PTI whims PEMRA to expedite action against channels airing Imrans marriage rumours
-
Govt mulling new automobile policy to attract investors: minister
-
Ex-Senator Faisal Raza Abidi arrested by Rangers
-
Toxic liquor kills 23 in Toba Tek Singh
-
PTI leader believes SC cant investigate Panama case
-
یبنگ الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ
-
R88 الیکٹرانک گیمز کی سرکاری ویب سائٹ