اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ڊئنمارڪ جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جي دؤري کان اڳ ڊئنمارڪ جي شپنگ ڪمپني مي??سڪ لائن جي سينيئر عملدارن اهم ملاقات ڪئي. وفاقي وزير مي??سڪ لائن جي عملدارن کي چيو ته ملڪ جي سامونڊي شعبي ۾ 2 بلين آمريڪي ڊالرن جي تاريخي سيڙپڪاري اچڻ وڏي ڪاميابي آهي. وفاقي وزير پاڪستان حڪومت تي ان اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ڊئنمارڪ جي حڪومت ۽ مي??سڪ لائن جو ٿورو مڃيو. مي??سڪ لائن ڪمپني جي عملدارن سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان حڪومت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن??ي چيو ته معاهدي کان اڳ اسان مطمئن آهيون. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ مي??سڪ عملدارن کي ان جي آپريشنز کي آسان بنائڻ ۽ پيش ايندڙ ڪنهن به چئلينج کي مُنهن ڏيڻ ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته اسان مي??سڪ لائن سان ڪم ڪرڻ ۽ ان جي سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ هموار ۽ مؤثر عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته حصيداري جي شرطن ۽ ضابطن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي ۽ اڄ جي ملاقات ٻنهي ڌُرين وچ ۾ هڪ باضابطه معاهدي کان اڳ هڪ واضح مفاهمت قائم ڪرڻ ۾ سازگار ماحول ثابت ٿي. وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي تعاون پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي راهه هموار ڪندو ۽ پاڪستان جي سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته پاڪستان حڪومت سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ سمورن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته مي??سڪ لائن سان ان جي حصيداريءَ سان پورٽس جي ترقي، روزگار جي موقعن ۽ مجموعي اقتصادي ترقيءَ جا بيشمار موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي جنهن سان عالمي شپنگ انڊسٽريءَ ۾ پاڪستان جي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ٿيندي.
متعلقہ مضامین
-
Karachi Independence day firing kills 3, injures 100+
-
Siddiqui slams PTI negotiations as ‘farcical’ bid to shield leaders
-
فنڈنگ ایموجی تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
Nine Afghans among 27 arrested in Balochistan combing operation
-
Pakistan strongly condemns terrorist attack in Kabul
-
Escalating war hysteria: Indian media blames Pakistan for Nargota attack
-
Five suspects killed in a CTD led operation
-
پی فیئری انٹرٹینمنٹ سرکاری ویب سائٹ
-
Green Chili Peppers آفیشل گیم پلیٹ فارم: نئی دنیا میں گیمنگ کا تجربہ
-
AG آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم کی خصوصیات اور فوائد
-
RSG الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ لنک: نئی دنیا کی تفریح کا تجربہ
-
بلیک جیک ایماندار بیٹنگ ویب سائٹ: محفوظ اور شفاف کھیل کا تجربہ