اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا ۾ پهرئين مرحلي جي بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان تحريڪ ان??اف جي سمورين تنظيمن کي تحليل ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي قومي قيادت تي ٻڏل 21 رڪني آئيني ڪميٽي پارٽي ??ي نئين تنظيمن جي باري ۾ بنيادي ڍانچو ٻيهر پيش ڪندي، تحريڪ ان??اف پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي جيڪا قومي پارٽي جو درجو رکي ٿي، پي ٽي آءِ ۾ خانداني سياست نه آهي عمران خان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ذاتي رشتن کي پنهنجي مشن تي حاوي نه ٿيڻ ڏنو، جمعي تي پاڪستان تحريڪ ان??اف جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان تحريڪ ان??اف جي سينئر قيادت جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته وزيراعظم عمران خان پارٽي جي سينئر قيادت سان مشاورت کانپوءِ پاڪستان تحريڪ ان??اف جي سمورين تنظيمن کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ ان??اف جي قومي قيادت تي مشتمل آئيني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پارٽي ??ي نئين آئين تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪميٽي تنظيمن جي باري ۾ بنيادي ڍانچو به پيش ڪندي، هن چي?? ته سينئر ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ نيون تنظيمون جوڙيون وينديون، هن ٻڌاي?? ته اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي چونڊن ۽ پاڪستان جي عمومي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، تحريڪ ان??اف پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي جيڪا وفاقي پارٽي جو درجو رکي ٿي، هن چي?? ته عمران خان وفاق جو ليڊر آهي، گوادر کان خيبر تائين ڪراچي کان لاهور تائين هر جاءِ تي سندس ووٽ بئنڪ موجود آهي، تحريڪ ان??اف کانسواءِ ڪا به ٻي پارٽي 1100 کان 1200 سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ جي صلاحيت نٿي رکي، هن چي?? ته پيپلزپارٽي ان??ورني سنڌ ۽ ن ليگ پنجاب جون پارٽيون آهن، تحريڪ ان??اف جي ميمبر جي حيثيت سان اسان تي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اسان وفاق جي ذميدارين کي دلچسپي سان ان??ام ڏيون، هن چي?? ته پاڪستان تحريڪ ان??اف جي سياست متاثر ٿي ته ان سان پاڪستان جي سياست متاثر ٿيندي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي پهرين مرحلي جي بلدياتي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ ان??اف جي پرفارمنس تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، وليج ڪائونسل جي چونڊن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان تحريڪ ان??اف هن وقت به خيبرپختونخوا جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، هن چيوته پي ٽي آءِ ۾ خانداني سياست نه آهي، عمران خان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ذاتي رشتن کي پنهنجي مشن تي حاوي نه ٿيڻ ڏنو، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جو ڪلچر پي ٽي آءِ ۾ آي?? ته ان ۾ ۽ اسان ۾ فرق نه رهندو. هن چي?? ته خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ ميرٽ جي ابتر ٽڪيٽ وراي?? ويا، وزيراعظم بلدياتي چونڊن ۾ آيل شڪايتن تي شديد ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، هن چي?? ته تحريڪ ان??اف کي جهڙي طريقي سان هڪ وڏي پارٽي جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهربو هو، هو خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ نظر نه آيو تنهن ڪري پاڪستان تحريڪ ان??اف جي چيئرمين پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت سان مشاورت کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سمورين تنظيمن کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پي ٽي آءِ جي سمورن عهديدارن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، پارٽي جي قومي قيادت تي ٻڌل نئين آئيني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ان ڪميٽي ۾ خيبرپختونخوا مان پرويز خٽڪ، محمود خان، مراد سعيد، اسد قيصر، علي امين گنڊاپور شامل آهن. پنجاب مان هو پاڻ (فواد چوڌري)، شاهه محمود قريشي، حماد اظهر، خسرو بختيار، چوڌري محمد سرور، سيف الله نيازي، عامر ڪياني، عثمان بوزدار شامل هوندا. بلوچستان مان قاسم سوري، جڏهن ته سنڌ مان عمران اسماعيل ۽ علي زيدي ۽ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان اسد عمر ان ڪميٽي جو حصو هوندا. هن چي?? ته ڪنهن رشتيدار کي ٽڪيٽ ڏيڻ جا معاملا ڏسڻ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي ويندي، اهڙا ڪيس هن ڪميٽي وٽ ايندا ۽ هو ڪميٽي ٽڪيٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندي. هن چي?? ته اسان جمهوريت جي لاءِ بلدياتي ادارن کي اهم سمجهون ٿا، خيبرپختونخوا ۾ ٻي مرحلي جي بلدياتي چونڊن لاءِ محمود خان کي ذميداري سونپي وئي آهي، ٽڪيٽ ڏيڻ جو هڪ ميڪنزم ٺاهيو ويندو، اهو ميڪنزم وزيراعظم جي منظوري سان ڏنو ويندو، پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي ٽڪيٽ جو فيصلو پاڪستان تحريڪ ان??اف جي سينئر ميمبرن تي مشتمل ڪميٽي وٽ ايندو، اها ڪميٽي مرڪزي سطح تي اميدوارن جو فيصلو ڪندي ته جيئن مقامي سطح تي ڪنهن قسم جي رنجش جهڙا معاملا شامل نه اچن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته فنانس بل اسان جو ذاتي بل نه آهي، آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ نٿا وڃڻ چاهين ته مخالف ڌر ان جو متبادل حل سامهون کڻي اچي، هن چي?? ته اربين ڊالر جو قرض انهن ماڻهن پنهنجي دورن ۾ ورتو جيڪو اسان کي واپس ڪرڻو آهي، جيڪڏهن انهن وٽ ڪو متبادل نظام آهي ته هو کڻي اچن.
متعلقہ مضامین
-
Balochistan cabinet hails security forces for CT efforts
-
خریداری سے لطف اندوز ہوں: سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Bystander killed in a blast aimed at LEA personnel
-
Low-intensity blast targets Chinese engineers vehicle near Rohri
-
PML-N govt elects their man to amend NAB laws
-
Zardari might sit the by-polls out
-
ورچوئل ریئلٹی لاٹری تفریح: آفیشل داخلہ
-
PG سافٹ ویئر آفیشل گیمز ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ
-
الیکٹرانک تحقیقات کا آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
یورپی بلیک جیک آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی مکمل گائیڈ
-
جوکر وائلڈ آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا طریقہ اور خصوصیات
-
بی ایس پی کارڈ گیم آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ