اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميوار نيوڪليئر ملڪ آهي، سمورن پاڙيسري?? سان امن چاهيون ٿا، امن کانسواءِ معاشي استحڪام ۽ ترقي ممڪن نه آهي، اسان امن جا خواهشمند ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. اها ڳالهه هن مقامي هوٽل ۾ قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي جي رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي گذريل ٻن مهينن جي عرصي دوران پرڏيهي پاليسي اسان جي اولين ترجيح رهي آهي. هن چيو ته اسان هڪ ذميوار نيوڪليئر ملڪ آهيون، دنيا ۾ اسان جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته تازو ئي پاڪستان 182 ووٽ کڻي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو جيڪا اسان جي پرڏيهي پاليسي جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، اها عالمي سطح تي اسان جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته ايرا?? سان اسان جون سرحدون ڳنڍيل آهن، واپار سميت ٻين اهم شعبن ۾ به ايرا?? سان لاڳاپا آهن، ايران اسرائيل ڇڪتاڻ دوران ايران جو مرحوم صدر پاڪستان آيو، موجوده سيڪيورٽي ۽ جيو پوليٽيڪل صورتحال ۾ اها وڏي ڪاميابي هئي ته ايران جي مرحوم صدر پاڪستا?? سان واپاري ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ جو اعلان ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وچ اوڀر ۾ به اسان جي اهميت کي تسليم ڪيو وڃي ٿو، وچ اوڀر اسان کي پنهنجو اتحادي سمجهي ٿو جيڪو اسان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان امن ۽ سمورن پاڙيسري م??ڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. هنرمند افرادي قوت جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ 68 ??يڪ??و نوجوانن تي ٻڌل آبادي آهي، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ اسان جي ترجيح آهي، ان حوالي سان ٽيڪنيڪي تعليم تي اسان جو ڌيان آهي ته جيئن اسان پنهنجي ان وڏي هيومن ريسورس جو فائدو پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ کڻي سگهون ۽ جڏهن معاشي سيڪيورٽي جي ڳالهه هجي ته ان جو اسان کي معاشي فائدو به ٿي سگهي. هن چيو ته 2014ع ۾ جڏهن سي پيڪ جي شروعات ٿي ته چين جي صدر 64 ارب ڊالر سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ نئين عزم سان چين ويو، ان دوري جو مقصد سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات هئي. هن چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، چين جي دوري دوران هواوي ڪمپني جي نمائند?? سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، هواوي پاڪستان ۾ سيف سٽي جا ٻه پراجيڪٽ اڳ ۾ ئي لڳايا آهن، هواوي اسان کي ساليانو 2 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي جيڪا بلڪل مفت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان وٽ ورڪ فورس ۽ ٽيلينٽ موجود آهي، اسان جي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مستقبل آءِ ٽي سان واڳيل آهي، سيڪيورٽي هجي يا معيشت يا بليو اڪانومي، سڀني جو بنياد آءِ ٽي تي آهي. وفاقي وزير چيو ته چين جي دوري دوران چين جي صدر ۽ وزيراعظم اسان کي ٻڌايو ته هو سي پيڪ جي اپگريڊ ورزن طرف وڃي رهيا آهن، سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن ۾ ٽيڪنالاجي ايڊوانسمنٽ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ته پاڪستان ان مان ڪهڙو فائدو حاصل ڪري دنيا کي ڪهڙي طرح فائدو پهچائي سگهي ٿو. هن چيو ته جيستائين هڪ محفوظ ماحول نه هوندو تيستائين نه سيڙپڪاري اچي سگهي ٿي ۽ نه معاشي استحڪام ۽ نه ئي اسان ترقي ڪري سگهون ٿا ۽ ا?? سان پرڏيهي پاليسي به متاثر ٿئي ٿي. وفاقي وزير چيو ته چين جي دوري دوران گوادر پورٽ سميت سيڪيورٽي جي حوالي سان مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم سيڪيورٽي جي حوالي سان يقين ڏياريو ته چائنيز شهرين ۽ ورڪرز جي سيڪيورٽي کي هو ذاتي طور تي يقيني بڻائيندو. هن چيو ته جڏهن بشام واقعو پيش آيو هو ته وزيراعظم پاڻ چيني سفارتخاني ويو ۽ چين جي سفير کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي ۽ پوءِ هو بشام ويو ۽ چائنيز انجنيئرز ۽ ورڪرز سان ملاقات ڪئي، انهن جا سيڪيورٽي خدشا ختم ڪيا ۽ انهن کي سيڪيورٽي جي فراهمي جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ معاشي استحڪام اسان جي ترجيح آهي ڇو ته اسان پاڪستان کي ان مقامتي پهچائڻ چاهيون ٿا جتي هو اڳ ۾ ڪڏهن هوندو هو. هن چيو ته گذريل ٻن مهينن دوران حڪومت پرڏيهي پاليسي ۾ انتهائي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو، اسان سمورن م??ڪن سان سٺا ۽ پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان پنهنجي معاشي بحالي چاهيون ٿا. ڪلائميٽ سيڪيورٽي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ڪلائميٽ سيڪيورٽي اسان جي پرڏيهي پاليسي جو لازمي جز آهي، دنيا ۾ ڪاربن اخراج ۾ اسان جو حصو 2 ??يڪ??و کان به گهٽ آهي پر ان جي 98 ??يڪ??و نقصانن کان اسان متاثر ٿي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ماڻهن جا گهر تباهه ٿيا، زراعت تباهه ٿي، چوپائي مال کي نقصان پهتو پر ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ ڪاربن اخراج ۾ اسان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گذريل ٻوڏ جي وقت پاڪستان آيو ۽ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ته اسان دنيا کي احساس ڏياريو ته اها اسان جي غلطي نه آهي ۽ دنيا جي ٻين م??ڪن جي ڪري اهي نقصان اسان ڀوڳي رهيا آهيون. هن چيو ته جيڪي ملڪ حقيقت ۾ ڪاربن جو وڌيڪ اخراج ڪن ٿا انهن جي ذميواري وڌيڪ آهي، عالمي فورمز تي اسان ان مسئلي کي اجاگر ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته چين جي دوري دوران بزنس فورم ۾ 500 شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ بي ٽو بي تعاون بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان نجي شعبي کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري طرف راغب ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون، اسان وٽ سستو ليبر موجود آهي جيڪو چين جي لاءِ پڻ لاڀائتو آهي يعني جيڪا پيداواري لاڳت چين ۾ پوي ٿي ان کان گهٽ اسان هتي ڏئي سگهون ٿا. اسان جي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ نجي شعبي جي لاءِ ڪيتريون ئي مراعتون آهن. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ انڊسٽري لڳي، هتان برآمدات ۾ اضافو ٿئي. هن چيو ته هن وقت اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو به رڪارڊ سطح تي گهٽ ٿيو آهي، اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسان ڊيفالٽ جي ويجهي پهچڻ کان اڄ هتي پهتا آهيون جنهن ۾ اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته هڪ وقت اهڙيون حالتون ٿي ويون هيون جو اسان جي ايڪسچينج ريٽ ۾ عدم استحڪام هو، ايل سيز بند هيون، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽ هئا، ايڪسپورٽرز کي خبر نه هئي ته ان کي ڊالر جي ڪهڙي ريٽ تي ايڪسپورٽ ڪرڻي آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش?? سان ملڪ هاڻي معاشي استحڪام طرف گامزن آهي، رپئي جي قدر مستحڪم ٿي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا به وڌيا آهن، مهانگائي جيڪا گذريل سال 38 ??يڪ??و هئي، گهٽ ٿي 11 ??يڪ??و تي اچي وئي آهي. هن چيو ته اسان جا اقتصادي انگ اکر بهتري طرف گامزن آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ڪري ئي ڊيفالٽ جي صورتحال کي منهن ڏنو. هن چيو ته اسان جتي به وياسين اسان ٽريڊ ناٽ ايڊ جي ڳالهه ڪئي، اسان کي مالي امداد نه واپار گهرجي، اسان قرض نه سيڙپڪاري چاهيون ٿا ڇو ته اسان سيڙپڪاري کي منافعي ۾ بدلائڻ جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ايس آءِ ايف سي جو وڏو ڪردار آهي، سمورا ادارا، منسٽريز ۽ ڊويزنز هڪ ڇت هيٺ اچي ويا آهن ۽ سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پاڙيسري?? سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان جي پاليسي ڪاروباري آسانين جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي ته جيئن سيڙپڪاري ۽ واپار ۾ اضافو ٿئي ۽ اسان جا ماڻهو ان مان فائدو کڻي سگهن. وفاقي وزير چيو ته ٿنڪ ٽينڪس ملڪي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت کي رهنمائي فراهم ڪن.
متعلقہ مضامین
-
Education, innovative leadership – OxfordAQA defines the way forward
-
Bangladesh vs New Zealand: Rawalpindi gears up for ICC Champions Trophy 2025
-
Kohli hits ton as India push Pakistan to brink of Champions Trophy exit
-
Govt orders CCTV installation at all airports to curb human trafficking
-
2 Big Bass Christmas Carnival Entertainment App Ki Duniya
-
PTI whims PEMRA to expedite action against channels airing Imrans marriage rumours
-
Govt mulling new automobile policy to attract investors: minister
-
Ex-Senator Faisal Raza Abidi arrested by Rangers
-
Toxic liquor kills 23 in Toba Tek Singh
-
PTI leader believes SC cant investigate Panama case
-
یبنگ الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ
-
R88 الیکٹرانک گیمز کی سرکاری ویب سائٹ