استنبول – 15 ??? ن??مبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي گهرواريءَ خاتون اول بيگم سعديه رحمت الله غزه ۾ گهيريل فلسطيني عورتن ?? ٻارن سميت ??هرين جي خلاف اسرائيل جي وحشياڻي طاقت جي استعمال جي مذمت ڪندي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري کي اسرائيلي جارحيت ??ي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. استنبول ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري پڌرائي موجب ترڪيه جي خاتون اول ايمن اردوان جي دعوت تي خاتون اول بيگم سعديه رحمت الله فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هتي منعقد يونائيٽيڊ فار پيس سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. بيگم سعديه رحمت الله پنهنجي خطاب ۾ فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ هن وقت محصور عورتن ?? ٻارن سميت ??هرين جي خلاف اسرائيل جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ طاقت جي استعمال جي مذمت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيل پاران غيرانساني ڏاڍ ۽ ظلم هڪ جنگي ڏوهه آهي ۽ عالمي برادري کي اسرائيلي جارحيت ??ي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جنگ بندي ۽ انساني امداد جي فر??هم?? جي لاءِ پاڪستان جي ترجيحن تي زور ڏنو ته جي??ن غزه جي ماڻهن تائين خوراڪ ۽ دوائون بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهن. هن فلسطين مسئلي جي عالمي قانون، او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب منصفاڻي، ٺوس ۽ پائيدار حل تي زور ڏنو. هن تازو ئي منعقد ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي سربراهي غيرمعمولي اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد جي حمايت ??و ورجاءُ ڪيو. غزه جي ماڻهن کي انساني امداد جي فر??هم?? ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي هن چيو ته پاڪستان فلسطينين جي لاءِ امدادي کيپ موڪلي آهي ۽ غزه جي لاءِ هڪ بنا روڪ ٽوڪ ۽ غيرمشروط انساني لنگهه قائم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ امداد موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو. بيگم سعديه رحمت الله ترڪ خاتون اول ايمن اردوان جو غزه سميت والاريل فلسطيني علائقن جي خراب صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اجلاس منعقد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
Karachi Independence day firing kills 3, injures 100+
-
Siddiqui slams PTI negotiations as ‘farcical’ bid to shield leaders
-
فنڈنگ ایموجی تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
Nine Afghans among 27 arrested in Balochistan combing operation
-
Pakistan strongly condemns terrorist attack in Kabul
-
Escalating war hysteria: Indian media blames Pakistan for Nargota attack
-
Five suspects killed in a CTD led operation
-
پی فیئری انٹرٹینمنٹ سرکاری ویب سائٹ
-
Green Chili Peppers آفیشل گیم پلیٹ فارم: نئی دنیا میں گیمنگ کا تجربہ
-
AG آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم کی خصوصیات اور فوائد
-
RSG الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ لنک: نئی دنیا کی تفریح کا تجربہ
-
بلیک جیک ایماندار بیٹنگ ویب سائٹ: محفوظ اور شفاف کھیل کا تجربہ