اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ٽي سالا ڪارڪردگي رپورٽ جناح ڪنيويشن سينٽر ۾ ٿيندڙ تقريب دوران وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي، اها رپورٽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ڪورونا جي تناظر ۾ عالمي اقتصادي ٻائڙائي باوجود حڪومت جي ڪاميابين تي ڌيان رهيو آهي، ان ڪارڪردگي رپورٽ ۾ نئين پاڪستان جي ويزن تحت عام ماڻهو کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سڀني وزارتن ۽ ڊو??زن?? جي ڪوششن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، 21 -2018ع جي رپورٽ 251 صحفن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 44 عوامي ادارن سميت وزارتن، ڊو??زن?? ۽ ڊپارٽمينٽس جي ڪاميابين جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي، هر شعبي جي 20 لائينن جي وزارت کانسواءِ ان ۾ اهم مقصد، قدمن تي اپ ڊيٽس، ڊگهي مدي واري حڪمت عملي، قانونسازي، پاليسي فريم ورڪ ۽ پائيپ لائين ۾ منصوبن تي به ڌيان ڏنو ويو آهي، مواد جي وضاحت گرافڪس ۽ لاڳاپيل انگ اکرن ۽ حقيقتن جي ذريعي ڪئي وئي آهي، حڪومت ڪووڊ -19 جي صورتحال تي ضابطو آڻڻل لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي، ملڪ ۾ 30 ملين ويڪسين جون خوراڪون لڳائڻ سميت پرسنل پروٽيڪشن ايڪوئپمنٽس جي تياري حڪومت جون اهم ڪاميابيون آهن، عام ماڻهو جي ترقي لاءِ حڪومت گهٽ آمدني وارن طبقن کي سستي رهائش فراهم ڪرڻ لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام، سماجي تحفظ لاءِ احساس پروگرام نوجوانن کي روزگار جي فراهمي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام شروع ڪيا، قانونسازي جي حوالي سان 54 قانون تيار ڪيا ويا، ڪوڊ آف سول پروسيجر ترميمي ايڪٽ 2020، انفورسمٽ آف وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع ۽ ليگل اينڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ايڪٽ 2020ع به شامل آهن ته جيئن معاشري جي غريب ۽ پوئتي پيل طبقن کي مدد فراهم ڪري سگهجي.
متعلقہ مضامین
-
مہجونگ روڈ 2 تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
IJT activists thrash media student at Punjab University
-
Local airline luckily escapes major disaster at Lahore airport
-
Pakistan condemns terrorist attack in Dhaka
-
NABs anti-corruption gets 51% conviction rate
-
PPP delegation leaves for China today
-
Sindh CM prioritises education, health care, job opportunities
-
Cant understand Imrans politics: Afridi
-
MT آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ کا طریقہ اور اہمیت
-
فروٹ کینڈی بیٹنگ ویب سائٹ: کھیلوں کی دنیا کا ایک نیا تجربہ
-
ڈریگن لیجنڈ انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ پلیٹ فارم کا تعارف اور خصوصیات
-
BG آن لائن ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ لنکس – محفوظ اور معیاری تفریح کا ذریعہ